وفاق ۽ سنڌ حڪومت ۾ ڪراچي کي اصلي اوج ڏيارڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

ڪراچي: وفاق ۽ سنڌ حڪومت پاران ڪراچي شهر کي اصل شڪل ۾ بحال ڪرائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق، اڪثر نالن تان قبضا ختم ڪرائڻ جي دعويٰ، وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته وفاقي حڪومت جلد ڪراچي ۾ پنهنجا منصوبا مڪمل ڪري وٺندي، شهر مان حددخليون هٽائڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي، سنڌ جَي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ايف ڊبليو او ۽ اين ڊي ايم اي سان گڏجي نالن تان حددخليون هٽائڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، محمود آباد وارو علائقو تقريبن ڪليئر ٿي چڪو آهي.