مونيڪا لاڙڪ بلائينڊ ڪيس آهي، روايتي طريقن کان هٽي جاچ ڪرڻي پوندي: ڊي آءِ جي سکر

سکر: مونيڪا لاڙڪ جو ڪيس بلائينڊ ڪيس آهي، اصل جوابدارن تائين پهچڻ لاءِ روايتي طريقن کان هٽي جاچ ڪرڻي پوندي: ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سائنسي بُنيادن تي ثبوتن سان جوابدارن کي گرفتار ڪنداسين ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ مامرو به کُلي سامهون اچي ويندو، مونيڪا لاڙڪ جي ڪيس ۾ شڪي ماڻهن جا به ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ نمونا ورتا پيا وڃن، اصل جوابدارن تائين پهچڻ لاءِ پهچڻ لاءِ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي.