پوليس مونيڪا لاڙڪ ڪيس ۾ اصل جوابدارن جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام

خيرپور: معصوم مونيڪا کي وحشت جو نشانو بڻائڻ بعد بيدردي سان قتل ڪندڙ ڪير؟ پيرڳوٺ پوليس مونيڪا لاڙڪ ڪيس ۾ اصل جوابدارن جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، پيرڳوٺ ٿاڻي تي نينگري جي والد جي فرياد تي ٽن اڻڄاتل جوابدارن خلاف زيادتي ۽ قتل جو ڪيس داخل، پوليس ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ نمونا ڄامشورو ليبارٽري اُماڻي ڇڏيا، شڪ جَي بُنياد تي گرفتار عورت سوڌو ٽن ڄڻن کان پُڇاڳاڇا جاري، 9 جنوري تي گُم ٿيل نينگري مونيڪا لاڙڪ جو لاش گذريل ڏينهن پيرڳوٺ ڀرسان ڪيلن جي باغ مان هٿ آيو هو، ميڊيڪل رپورٽ ۾ نينگري سان زيادتي جي تصديق ڪئي وئي، نواب ولي محمد سميت سنڌ جَي مختلف شهرن ۾ مونيڪا لاڙڪ واقعي خلاف احتجاج، اصل جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري ڪيفرِ ڪردار تائين پهچائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.