سنڌ جي ناليواري آرٽسٽ ۽ چترڪار ظفرڪاظمي جي چوڏهين ورسي

ڪراچي: سنڌ جي سريلي آرٽسٽ ۽ چترڪار ظفرڪاظمي جي اڄ چوڏهين ورسي ملهائي پئي وڃي، ڀٽ ڌڻيءَ جي سورمين کي پنهنجي خوبصورت آرٽ وسيلي دنيا آڏو پيش ڪندڙ چترڪارظفرڪاظمي جو اصل نالو سيد ظفر علي شاهه ڪاظمي هو هن 25 ڊسمبر 1933 ع تي آمري ڳوٺ ۾ سيد ميرمحمد شاهه جي گهر ۾ اکيون کوليون. سيد ظفر ڪاظمي کي ننڍي لاڪون ئي رنگن ۽ برشن سان پيار هو، هن انٽر کان باقاعدي پينٽنگ سان لنو لاتي ۽ ان فيلڊ ۾ مهارت جي بنياد تي مڃتا طور انعام به حاصل ڪيا ، 1951 ع ۾ پاڻ ڪراچي جي اين جيَ وي اسڪول ۾ ڊرائنگ ٽيچر مقررٿيو ، جتي هن 9 سال نوڪري ڪئي، 1954 ع ۾ حيدرآباد ۾ جڏهن پينٽنگ جي نمائش ٿي ته ظفر ڪاظمي جي تصويرن پهريون نمبر ماڻي ورتو ، 1958 ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ سندس پينٽنگ جي نمائش جو افتتاح ان وقت جي صدراسڪندر مرزا ڪيو. 1979 ۾ ظفر ڪاظمي جي تصويرن جي نمائش برمنگهم جي آرٽ گيلري ۾ ٿي، جنهن کانپوءِ هن جون ڪيترن ئي ٻين ملڪن ۾ به تصويري نمائشون ٿينديون رهيون ۽ هن قومي ۽ عالمي سطح تي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا، 1999 ع ۾ کيس شاهه لطيف ايوارڊ سان به نوازيو ويو ، ظفر ڪاظمي پنهنجي فني ڪيرئير دوران ڪيترن ئي عهدن تي فائز رهيو هن سنڌ جي ڪيترن ئي ميوزمس لاءِ ڪم ڪيو، ظفرڪاظمي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سميت ڪيترين ئي ملڪي توڙي پرڏيهي شخصيتن جا پورٽريٽ به ٺاهيا، سندس پينٽنگس ۾ سنڌ جي ثقافت ، تهذيب ،رهڻي ڪهڻي جا سهڻا رنگ نظر اچن ٿا، حيدرآباد جي سنڌ ميوزم ۾ سندس شاهڪار تصويرون ۽ اسڪيچ هن جي ڪاريگري جو چٽو ثبوت پيش ڪري رهيا آهن ، ظفرڪاظمي جي ڪم ڪرڻ جو دائرو ايترو ته وسيع هو جيتري سنڌ جي پنج هزار ساله تاريخ آهي، هن جي چترڪاري ۾ سنڌ جا ٻيلا ، جهر جهنگ، مال چاريندڙ چنگ ۽ بوڙيندو وڄائيندڙ ميهار ، انهن جون مينهون ، ملهه ملاکڙا ۽ خوشيين جا ميلا ، هن پنهنجي فن کي اوج تي پهچائڻ لاءِ لطيف جي سورمين جوسهاروپڻ ورتو ۽ لطيف جي بيتن کي پنهنجي انفرادي اسڪيچن جو رنگ ڏئي دنيا کي سنڌ ڌرتيءَ جو سهڻو روپ ڏيکاريو .سنڌ جو هي سهڻو آرٽسٽ 12 جنوري 2007 ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو ،پر پينٽنگس جي صورت ۾ سندس ڪيل شاهڪارڪم اڄ به اسان کي هن جي ياد ڏياري ٿو .