ڪراچي ۾ متحده اڳواڻ سلمان مجاهد طرفان سيلز مين تي تشدد واري وڊيو وائرل

ڪراچي: ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ متحده اڳواڻ سلمان مجاهد طرفان سيلز مين تي تشدد واري وڊيو وائرل، سلمان مجاهد طرفان سيلز مين تي تشدد وارو واقعو 4 جنوري تي پيش آيو هو، وڊيو ۾ متحده اڳواڻ اسٽور اندر سيلز مين تي تشدد ڪندي نظر اچي رهيو آهي، اسٽور انتظاميا جو چوڻ آهي ته سلمان مجاهد سان گڏ 2 پوليس اهلڪار به هئا، سلمان مجاهد سيلز مين وٽ ويو ۽ کير جا 2 کوکا رکڻ لاءِ چيو، سيلز مين 2 منٽ انتظار ڪرڻ لاءِ چيو ته سلمان مجاهد آپي مان نڪري ويو، اسٽور انتظاميا طرفان متحده اڳواڻ خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.