ملڪ ۾ کنڊ ٻيهر مهانگِي،ڪيترن ئي شهرن ۾ اگهه 85 کان 95 رپين تائين پهچي ويو

ڪراچي : ملڪ ۾ کنڊ هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگِي ٿي وئي، ڪيترن ئي شهرن ۾ کنڊ جا اگهه 85 کان 95 رپين تائين پهچي ويا. ڪراچي، ملتان ۽ فيصل آباد سميت ڪجهه شهرن ۾ في ڪلو کنڊ هڪ سئو رپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳي، ذريعن موجب پهرين جنوري کان ايف بي آر طرفان لاڳو ڪيل ايس آر او کنڊ جِي ذخيرا اندوزِي ۽ بليڪ مارڪيٽنگ جو سبب بڻجي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان 12 ڊسمبر تي کنڊ سستي ٿيڻ کي وڏي ڪاميابي قرار ڏيندي معاشي ٽيم کي واڌايون به ڏنيون هيون.