حڪمرانن پي ڊي ايم ۽ نواز ليگ کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش پيا ڪن: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد: ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته خواجه آصف پارٽي قيادت سان مخلص آهي، سندس گرفتاري سان هڪ ئي پيغام ملي ٿو ته هتي ظلم ۽ جبر آهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته حڪمرانن پي ڊي ايم ۽ نواز ليگ کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، نواز ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سندن جماعت طرفان سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ بابت فيصلو نه ڪيو ويو آهي، في الحال اهو ئي فيصلو ٿيو ته پارٽي قيادت آڏو استعيفائون جمع ڪرايون وڃن.