رجني ڪانت نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

ممبئي: ڀارت جي مشهور ادڪار رجني ڪانت پنهنجي نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ کان معذرت ڪري ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا موجب تامل انڊسٽري جو سپر اسٽار ۽ مهانگو اداڪار رجني ڪانت 2017 کان سياسي سرگرمين ۾ شريڪ رهيو آهي ۽ هن تامل ناڊو مان ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ باقاعده هڪ مهم به شروع ڪئي هئي پر هو پنهنجو هدف مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام ويو هو جنهن کانپوءِ هن نئين سال جي شروعات ۾ ڪرپشن کان پاڪ پنهنجي سياسي پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو.
سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي رجني ڪانت سياسي پارٽي ٺاهڻ بابت پنهنجو بيان واپس ورتو ۽ تامل زبان ۾ 3 صفحن تي مشتمل هڪ نوٽ لکيو جنهن ۾ هاڻ نئين سياسي پارٽي نه پيو ٺاهي.
تامل سپراسٽار پنهنجي بيان ۾ چيو ته ان فيصلي جو درد صرف مان ئي سمجهان ٿو پر ڪا پارٽي ٺاهڻ کانسواءِ هو ماڻهن جي خدمت جاري رکندو.