بحريه ٽائون نئون شهر بڻائي ڇڏيو، ڇا توهان ڏٺو آهي: سپريم ڪورٽ جو ايس بي سي اي عملدار کان پڇاڻو

ڪراچي: بحريه ٽائون کي مڪمل طور نئون شهر بڻائي ڇڏيو، ڇا توهان بحريه ٽائون ڏٺو آهي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ غيرقانوني قبضن واري ڪيس ۾ ٻڌڻي دوران سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جَي ڊِي جِي کان پُڇاڻو، چيف جسٽس گلزار احمد ڊي جي ايس بي سي اي سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کان بحريه ٽائون ۾ ڪيترن گهرن جي اجازت ورتي وئي هئي، هاڻي ته بحريه ٽائون سان گڏ ڊي ايڇ اي سٽي به ٺهي رهيو آهي، بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سان گڏ سڄي مافيا مليل آهي.