لياقت جتوئي جو نيب ريفرنسز مان بريت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو

اسلام آباد: اڳوڻي وفاقي وزير لياقت جتوئي نيب ريفرنسز ۾ بري ٿيڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، احتساب عدالت طرفان بريت واري درخواست رد ٿيڻ خلاف نظرثاني اپيل داخل، درخواست ۾ لياقت جتوئي موقف اختيار ڪيو آهي ته مون تي ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جا الزام ثابت نه ٿيا آهن، لياقت جتوئي طرفان نيب ريفرنس مان سندس نالو خارج ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.