ن ليگ دور ۾ اسرائيل سان ڪوبه رابطو نه ٿيو: مريم اورنگزيب

لاهور: مسلم ليگ ن نواز شريف جي دور ۾ حڪومتي وفد اسرائيل موڪلڻ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. هڪ بيان ۾ ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ن ليگ جي دور ۾ اسرائيل ۽پاڪستان وچ ۾ اهڙو ڪو رابطو يا دورو ناهي ٿيو، ن ليگ تي الزام لڳائيندڙن ۽ ڪوڙن تي لعنت هجي. هن چيو ته ڪابينا وزير جي خبر سامهون اچڻ بعد نواز شريف تي الزام هنيو ويو. هن چيو ته ڪرپشن ۽ غداري جو چورن ناڪام ٿيو ته نئون معاملو سامهون آيو، ڪوڙ پکيڙڻ وارن کي چئون ٿا ته اسان منهن کوليو ته هي ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جي قابل نه رهندا.