نون ليگ جِي نائب صدر مريم نواز 26 ڊسمبر تي سکر پهچندي

حيدرآباد: نون ليگ جِي نائب صدر مريم نواز 26 ڊسمبر تي سکر پهچندي. مريم نواز سکر ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪرڻ سان گڏ پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندي. مريم نواز 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جِي مزار تي حاضري ڀريندي، شهيد بينظير ڀٽو جِي ورسي جَي موقعي تي جلسي ۾ به شرڪت ڪندي، شاهه محمد شاهه حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ جَي مختلف شهرن مان نون ليگ جا قافلا مريم نواز جِي آجيان لاءِ سکر پهچندا.