بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف سڪيورٽي فورسزجوآپريشن، فائرنگ جِي ڏي وٺ ۾ هڪ فوجي جوان شهيد

سبي : بلوچستان جَي علائقي آواران ۾ دهشتگردن خلاف سڪيورٽي فورسز جَي آپريشن دوران فائرنگ جِي ڏي وٺ ۾ هڪ فوجي جوان شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن ۽ سهولتڪارن جِي موجودگي وارَي ڳجهي اطلاع تي سڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو، فائرنگ ۾ لانس نائيڪ محمد اقبال شديد زخمي ٿيو، کيس فوري طور ڪراچي منتقل ڪيو ويو، پر گهڻو رت وهڻ ڪري محمد اقبال شهادت ماڻِي.