عمران خان کي خوف آهي ته اتحادي سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ نه ڏيندا: نثار کهڙو

ڪراچي: وفاقي سرڪار وقت کان اڳ سينيٽ جي چونڊون ڪرائڻ جو شوشو ڇڏيو آهي، اصل مامرو ڳجهي نموني يا شو آف هينڊز ذريعي ووٽنگ جو آهي، عمران خان کي خوف آهي ته سندس اتحادي به سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ نه ڏيندا، نثار کهڙو، ناصر شاهه ۽ ٻين پ پ اڳواڻن ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته هارس ٽريڊنگ جون ڳالهيون ڪندڙ وزيراعظم کي عهدو ڇڏڻ گهرجي، عمران خان جي استعيفيٰ ۽ ملڪ ۾ نين چونڊن تائين پي ڊي ايم جي جدوجهد جاري رهندي.