آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

اسلام آباد : اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جي جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪئي وئي، اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر وسيم جاويد پيش نه ٿيو، عدالت ڪارروائي هلائڻ بنا ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.