پي ڊي ايم جي گاڏي سان حادثو ٿيڻ يقيني ڳالهه آهي:فواد چوڌري

اسلام آباد: سائنس ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پي ڊي ايم جي گاڏي سان حادثو ٿيڻ يقني ڳالهه آهي.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو آهي ته پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي جو اسٽيئرنگ ڪنهن هڪ وٽ، انجن ڪنهن ٻئي وٽ ۽ بريڪ تي اڃان ٽئين جا پير پيل آهن.

وافاقي وزير جو چوڻ هو ته ڊرائيور پختو ناهي ۽ لنڊن کان پي ڊي ايم جو گئير هڻڻ وارن جي هينڊ بريڪ ڪراچي وارا ڇڪيندا آهن تنهن ڪري پي ڊي ايم جي گاڏي سان حادثو ٿيڻ يقيني ڳالهه آهي.