نيويارڪ: سکن جو ڀارتي قونصل خاني جو گهيراءُ، حڪومتي پاليسين خلاف سخت نعريبازي

نيويارڪ: هندستان ۾ سکن سان ٿيندڙ ٻٽي رويي خلاف  سکن نيويارڪ ۾ هندستاني قونصل خاني جو گهيراءُ ڪيو.

مظاهرين سموريون رنڊڪون ٽوڙي قونصليٽ جو گهيراءُ ڪيو جنهن سبب قونصل خاني جو عملو محدود ٿي ويو. مظاهرين ڀارت ۾ اقليتن سان ناروا سلوڪ ۽ حڪومتي پاليسين جي خلاف نعرا لڳايا.

پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ پنهنجي مقرر جڳهه تي واپس وڃڻ جي اپيل ڪئي. پوليس قونصل خاني جو گهيراءُ ڪري مظاهرين کي پوئتي  رهڻ جي هدايت ڪئي.