عوام فيصلو ڏئي ڇڏيو، هاڻي حڪومت کي گهر وڃڻو پوندو: آصفه ڀٽو زرداري

ملتان : اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڄ عوام حڪومت خلاف فيصلو ڏئي ڏئي ڇڏيو آهي ، هاڻي حڪومت کي گهر وڃڻو پوندو. شهيد متحرما بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري ملتان ۾ پ پ جي يوم تاسيس ۽ پي ڊي ايم جلسي کي پهرين تقرير ڪري پنهنجي سياسي سفر جي شروعات ڪري ڇڏي. جلسي کي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو پ پ جو بنياد عوامي جمهوري ۽ فلاحي رياست لاءِ رکيو هو ۽ ان مقصد لاءِ ڪڏهن به پوئتي نه هٽيو. هن چيو ته هوءَ اهڙِي وقت ۾ آئي آهي جڏهن پ پ چيئرمين ۽ سندس ڀاءُ بلاول ڀٽو زرداري ڪورونا ۾ مبتلا آهي. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته عوام ايم آر ڊي تحريڪ وانگر پي ڊي ايم تحريڪ ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو ساٿ ڏيندو. هن چيو ته هو گرفتارين کان نٿا ڊڄن، جيڪڏهن سندن ڀائرن کي گرفتار ڪيو ويو ته پ پ جي هر عورت پنهنجي گرفتاري ڏيڻ ۽ عمل ۾ جدوجهد لاءِ تيار آهي، هن چيو ته عوام فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته سليڪٽيڊ کي هاڻي گهر وڃڻو پوندو ،هُو عوام کي سليڪٽيڊ حڪومت کان بچائيندا.