اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ۽ ايون فيلڊر ريفرنس ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيلن تي لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ۽ ايون فيلڊر ريفرنس ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيلن تي لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو، جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل بئنچ گذريل ٻڌڻي جو حڪمنامو جاري ڪيو، نواز شريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آءِ اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2 ڊسمبر تي طلب، نواز شريف جو طلبي اشتهار برطانيا اُماڻيندڙ پرڏيهي کاتي جي آفيسر کي به طلب ڪيو ويو،عدالت پنهنجي حڪمنامي ۾ چيو آهي ته شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿيڻ بعد نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي حوالي سان فيصلو ڪيو ويندو.