ملڪ ۾ قاتل وائرس وڌيڪ 59 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد : ملڪ ۾ قاتل وائرس وڌيڪ 59 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 3 هزار 9 نوان ڪيس رپورٽ، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيلن جو انگ 7 هزار 803 ۽ متاثرن جو انگ 3 لک 82 هزار 892 ٿي ويو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 214 ماڻهو ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا آهن.