پاڪستان فلم انڊسٽري جو سينئر ڊائريڪٽر اقبال ڪاشميري لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور: پاڪستان فلم انڊسٽري جو سينئر ڊائريڪٽر اقبال ڪاشميري لاڏاڻو ڪري ويو.

ذريعن موجب اقبال ڪاشميري گردن جي عارضي ۾ مبتلا هو ۽ هڪ هفتي کان لاهور جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو .

اقبال ڪاشميري پنجاهه کان مٿي فلمون ٺاهيون جن ۾ ڀاڀي ديان چوڙيان ، بارڊر، گهر ڪب آئوگي  ۽ ضدي سندس مقبول فلمن ۾ شامل آهن .