آمدني کان وڌيڪ اثاثن واروڪيس ، ضياءُ الحسن لنجار ۽ ٻين جي ضمانت ۾ 24 ڊسمبر تائين واڌ

سکر : نيب سکر قانون واري اڳوڻي صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ جاچ مڪمل نه ڪري سگهيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ضياءُ الحسن لنجار ۽ ٻين جي ضمانت ۾ 24 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي، عدالت نيب سکر کي انڪوائري مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.