سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حادثا، عورتن ۽ ٻارن سميت 10 ڄڻا فوت

ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ خوفناڪ روڊ حادثن ۾ 3 عورتن ۽ 3ٻارڙن سميت 10ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا. نوري آباد ويجهو موٽر وي تي جوکيا موڙ وٽ ٺري مير واهه ويندڙ مسافر وين جو ٽرالر سان ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا فوت، 10زخمي ٿي پيا. ڪنڊيارو لڳ قومي شاهراهه تي ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ عورت ڌيءَ ۽ پٽ سميت فوت، فوتڻ جو مڙس ۽ پٽ زخمي ٿيا. لاڙڪاڻو-خيرپور روڊ تي ٽريڪٽر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت ۽ عورت زخمي ٿي پئي، قاضي احمد ڀرسان قومي شاهراهه تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر ٿيڻ جَي نتيجي ۾ پيرسن اميد علي دم ڏئي ڇڏيو، عورت سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مورو- دادو روڊ تي ڪار سان ٽڪرائجڻ بعد موٽر سائيڪل سوار نوجوان غلام قادر جتوئي تي ٽرالر چڙهي ويو، نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو.