گلگت جي چونڊن ۾ مريم نواز قيادت خلاف زهر اوڳاڇي رهي آهي:مريم نواز

لاهور : پنجاب جي سُڌ سماءَ بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ پاران مريم نواز تي تنقيد ڪئي وئي، فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته گلگت جي چونڊن ۾ مريم نواز قيادت خلاف زهر اوڳاڇي رهي آهي ۽ قومي ادارن تي حملا ڪيا پيا وڃن، ڪوبه غيرتمند شهري اهڙي بيانيي کي قبول نه ڪندو، علي امين گنڊاپور جي تڪراري تقرير ۽ ٽوئيٽ بيانن تي فردوس اعواڻ چيو ته وفاقي وزير جي لفظن جي چونڊ تي اعتراض ڪري سگهجي ٿو، سندس نظرئي سان اختلاف نٿو ڪري سگهجي.