ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ: پنجاب حڪومت پاران ڪيترن ئي هنڌن تي مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون

لاهور: پنجاب حڪومت ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ هڪ دفعو ٻيهر واڌ کان پوءِ ڪيترن ئي هنڌن تي مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري سيل ٿيندڙ هنڌن جي رهواسين کي 14 ڏينهن گهرن ۾ آئسوليٽ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

پنجاب حڪومت صوبي جي 830 هنڌن  کي سيل ڪيو، ان هنڌن مان هڪ هزار 416 ڄڻا ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيا جڏهن ته 3 هزار 332 ماڻهن جي هتي رهائش آهي. سڀني کان وڌيڪ لاهور جا 435 هنڌ سيل ڪيا ويا بهاولپور 37، بهکر، 35، چنيوٽ جا 7 هنڌ مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون جي تحت سيل ڪيا ويا.

ڊيره غازي خان جا 17، فيصل آباد ۾ 34 ۽ گوجرانوالا ۾ 14 هنڌن کي سيل ڪيو ويو. جڏهن ته گجرات جا 29، جهلم ۾ 9، قصور جي 3 هنڌن ۾ مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو. جڏهن ته ملتان جا 44، راولپنڊي جا 47، ساهيوال جا 15، سرگودها جي 24 هنڌن کي سيل ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 12 مريص حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 6 هزار 835 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 3 لک 35 هزار 93 ٿي ويو آهي.