وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پي سي آءِ سي جو اجلاس

ڪراچي : وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پي سي آءِ سي جي اجلاس دوران ڪراچي ۾ واٽر سپلاءِ جو نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ سموريون رنڊڪون ختم ڪري ڪي فور منصوبي تي ٻيهر ڪم شروع ڪرڻ جو فيصلو، پي سي آءِ سي جي اجلاس ۾ ڪور ڪانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل همايون عزيز، جي او سي، ڪمانڊر ايف ڊبليو او ۽ ٻين ميمبرز طرفان شرڪت، ڪراچي ۾ پاڻي جا غيرقانوني ڪنيڪشن ختم ۽ هائيڊرينٽس بند ڪرڻ جو فيصلو، لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ ۽ ايس ٿري منصوبي جو ٻيهر جائزو وٺڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ ايس بي سي اي کي صفائي جو نظام بهتر نه ڪندڙ ڪمپنيز جا معاهدي ختم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.