ڪورونا وائرس: اسلام آباد ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون، ڪيتريون ئي گهٽيون سيل

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ ڪورونا جي پکيڙ سبب مختلف علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي.

ضلعي هيلٿ آفيسر موجب وفاقي گادي واري شهر جي علائقن ايف سڪس ٽو، ايف سڪس ٿري، ايف سڪس فور، ايف ٽين فور ۽ آءِ ٽين ٽو جون مختلف گهٽيون سيل ڪيون ويون آهن.

ضلعي هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر ضعيم جو چوڻ هو ته وفاقي گادي واري شهر ۾ مختلف علائقن کي ڪورونا جي پازيٽو ڪيسن سبب سيل ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر جي شروعات کان پوءِ اين سي او سي رات 10 وڳي سموريون ڪاروباري سرگرميون ۽ شادي هالز بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته شهرين کي گهرن مان نڪرڻ وقت ماسڪ لڳائڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.