آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو گجرانوالا ۽ مرالا جو دورو

اسلام آباد : آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه گجرانوالا ۽ مرالا جو دورو ڪيو. دوري دوران آرمي چيف ڪور هيڊ ڪوارٽرز گجرانوالا ۾ آپريشنل تيارين جو جائزو ورتو. آءِ ايس پي آر موجب دوري دوران آرمي چيف کي تربيتي ۽ انتظامي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، آرمي چيف جوانن سان مختصر ملاقات ڪري سندس حوصلا افزائي ڪئي.