کنڊ جي بحران ۾ جهانگيرترين گروپ جون شاهديون موجود آهن: رپورٽ

اسلام آباد: ڪميشن جي انڪوائري رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته شوگر مافيا ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث آهي ۽ جهانگيرترين جي جي ڊبليو گروپ ملوث هجڻ جون پڪيون شاهديون مليون آهن.

مسابقتي ڪميشن پاران جاري بيان موجب ڪميشن طرفان هڪ تفصيلي انڪوائري ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته شوگرملز ايسوسيئيشن ۽ مالڪن جي پاڻ ۾ ملي ڀڳت هئي.

مسابقتي ڪميشن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جهانگيرترين جي جي بڊليو گروپ جون پڪيون شاهديون موجود آهن جڏهن ته شوگرملز کي شوڪاز نوٽيسز جاري ڪيو ويندو.