بلاول ڀٽو زرداري پاران ڪراچي ڌماڪي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار

ڪراچي : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ڪراچي ڌماڪي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي، بلاول ڀٽو زرداري ڌماڪي جي نوعيت ۽ صورتحال بابت تفصيل گهري ورتا، بلاول ڀٽو زرداري جي زخمين کي بهتر علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.