سپريم ڪورٽ بحريه ٽائون جا 460 ارب رُپيا ترقياتي منصوبن تي خرچ ڪرڻ لاءِ ڪميشن جوڙي ڇڏي

اسلام آباد : بحريه ٽائون جا 460 ارب رُپيا وفاق ۽ سنڌ سرڪار مان ڪنهن کي به نه مليا، سپريم ڪورٽ رقم ترقياتي منصوبن تي خرچ ڪرڻ لاءِ 11 رُڪني ڪميشن جوڙي ڇڏي، وفاق ۽ سنڌ سرڪار جي درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪيو ويو ، اٽارني جنرل جي ڪميشن جوڙڻ واري استدعا منظورڪئي وئي ، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ڪميشن جو سربراهه سپريم ڪورٽ جو جج هوندو، سنڌ جي گورنر ۽ وڏي وزير جا نمائندا به ڪميشن ۾ شامل هوندا، اٽارني جنرل، اي جي سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي به ڪميشن ۾ شامل ڪيو ويندو، اسٽيٽ بئنڪ جو نمائندو ۽ 2 سماجي شخصيتون به شامل هونديون، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن سنڌ ۾ ضرورت موجب نوان ترقياتي منصوبا شروع ڪندي، پهرين کان جاري منصوبن تي بحريه ٽائون جا پئسا خرچ نه ٿيندا.