گورنرعمران اسماعيل سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اربع ڏينهن طلب ڪري ورتو

ڪراچي : گورنر عمران اسماعيل سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اربع ڏينهن طلب ڪري ورتو، جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اربع تي 2 وڳي ٿيندو، اجلاس ۾ ٻيٽن تي وفاقي والار واري معاملي تي بحث ڪيو ويندو، سنڌ اسيمبلي طرفان اربع ڏينهن آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس کي رد ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ به منظور ڪرڻ جا امڪان آهي.