بلوچستان ۾ اورماڙا ويجهو سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ چڪريون، ايف سي جا 7 اهلڪار ۽ 7 سڪيورٽي گارڊ شهيد

اورماڙا: بلوچستان ۾ ڪوسٽل هاءِ وَي تي اورماڙا ويجهو سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ چڪريون، ايفسي جا 7 اهڪار ۽ 7 سڪيورٽي گارڊ شهيد ٿي ويا، آءِ ايس پي آر موجب او جِي ڊي سي ايل جو قافلو سڪيورٽي فورسز جِي حفاظت ۾ گوادر کان ڪراچي وڃي رهيو هو ته، دهشتگردن حملو ڪيو، فورسز وقت سِر جوابي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن کي وڏو نقصان پهچايو ۽ قافلي کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍي ورتو، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ امن ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ وارِي دشمن جِي بزدلاڻِي ڪارروائي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، علائقي کي ڪڙو چاڙهي دهشتگردن جِي ڳولا ڪئي پئي وڃي.