مني لانڊرنگ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ شهباز شريف کان ڪيل جاچ جي رپورٽ عدالت ۾ پيش

لاهور : مني لانڊرنگ ڪيس ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ شهباز شريف کان ڪيل جاچ جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شهباز شريف جسماني رمانڊ دوران جاچ ۾ ڪوبه سهڪار نه ڪيو هو، لنڊن فليٽس لاءِ پرڏيهي قرضن بابت شهباز شريف جي ڊڪليئر اثاثن ۾ ڪوبه ذڪر ناهي، شهباز شريف واضح ناهي ڪيو ته هو پرڏيهي قرضن جي قسط ادا ڪندو آهي يا نه.