بلديه ٽائون سانحي ڪيس ۾ جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا سوڌو 5 جوابدارن جي سزا خلاف اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديه ٽائون سانحي ڪيس ۾ سزا يافته جوابدارن رحمان ڀولا ۽ زبير چريا سوڌو 5 جوابدارن جي سزا خلاف اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتيون، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سزا جي خلاف اپيلون داخل ڪرائيندڙ رحمان عرف ڀولا ۽ زبير عرف چريا کي دهشتگردي ٽوڙ جي عدالت 264 ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي هئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻين ٽن جوابدارن جون اپيلون منظور ڪيون، ان ۾ منصور احمد، راشد محمود ۽ فضل احمد شامل آهن، عدالت پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کان اي ٽي سي جي فيصلي جي ڪاپي ۽ ڪيس رڪارڊ 4 مهينن ۾ طلب ڪري ورتو آهي، رحما ڀولا ۽ زبير چريا پنهنجي اپيل ۾ چيو آهي ته باهه لڳي ته فيڪٽري جا در بند هئا، جيڪي مالڪن جي حڪم تي لاڪ ڪيا ويا هئا، نڪرڻ جي لاءِ ڪو هنگامي رستو نه هو.