اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي اڄ کان شروع ٿيندي

اسلام آباد :ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنسز ۾ سزا خلاف اپيلن تي پيش نه ٿيڻ تي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي اڄ کان شروع ٿيندي، جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل اسلام آباءِ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ ڪارروائي هلائيندي، نوازشريف جي رهائشگاهه تي موڪليل گرفتاري وارنٽس جون آن لائين رسيدون به عدالت ۾ پيش ڪيون وينديون، گرفتاري وارنٽس تي عمل لاءِ لنڊن ۾ ايون فيلڊ اپارٽمينٽس ويندڙ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي نمائندي جو وڊيو لنڪ ذريعي بيان رڪارڊ ڪيو ويندو، يورپ ۾ موجود پرڏيهي آفيس جو ڊائريڪٽر محمد مبشر خان بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ طلب ڪيو ويو آهي.