امريڪي صدر ۽ سندس زال ڪورونا وائرس جو شڪار

واشنگٽن: امريڪي صدر ۽ سندس زال ميلانيا ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويا آهن.

امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽوئيٽ ذريعي سندس ڪورورنا وائرس جي ٽيسٽ مثبت اچڻ جي تصديق ڪئي آهي.

ٽرمپ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو آهي ته سندس زال ميلانيا جو به ڪورونا ٽيست مثبت آيو آهي، هن پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو ٻئي جلد ئي صحتياب ٿيندا جڏهن ته هن سندس اهم مشير هوپ بڪس جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي پڻ تصديق ڪئي آهي.