ڪيليفورنيا: انٽرٽينمينٽ جي دنيا جي وڏي آمريڪي ڪمپني والٽ ڊزني پنهنجي 28 هزار ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪمپني موجب ڪورونا وائرس سبب اپريل کان جون تائين ان کي 4.7 ارب ڊالرن جو خسارو ٿيو.
والٽ ڊزني دنيا ۾ ڪيترن ئي تفريحي پارڪن ۽ موڪلون گذارڻ وارن هوٽلن جي مالڪ آهي، جن کي وبا سبب بند ڪيو ويو هو.
ڪمپني جا ڪجهه تفريحي پارڪ هاڻ محدود سطح تي کوليا ويا آهن.