بلوچستان جي تعليمي ادارن ۾ ڪورونا جا 16 نوان مريض سامهون اچي ويا

ڪوئٽه:بلوچستان جي تعليمي ادارن ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 16 نوان مريض سامهون اچي ويا آهن جنهن کان پوءِ 15 ڏينهن دوران تعليمي ادارن ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو ٽوٽل انگ 541 ٿي ويو آهي.

صحت کاتي جي رپورٽ موجب بلوچستان جي تعليمي ادارن ۾ اڱاري تي ڪورونا وائرس جا 455 ٽيسٽ ڪيا ويا ۽ ان ٽيسٽ جي نتيجي ۾ ڪورونا وائرس جا 16  نوان مريض سامهون آيا.

رپورٽ موجب 15 سيپٽمبر کان هينئر تائين 15 ڏينهن جي دوران صحت کاتي جي عملي طرفان بلوچستان جي تعليمي ادارن ۾ ڪورونا وائرس جا 6114 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.

ڪورونا وائرس جي 6114 ٽيسٽ ۾ مثبت رزلٽ جي مريضن جو ٽوٽل انگ 541 آهي جڏهن ته نگيٽو رزلٽ جو ٽوٽل انگ 5573 آهي.