ڀارت ۾ سنڌ واسي 11 ڀاتين جي قتل واري واقعي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ائسوسيئيشن عدالت سان رابطو ڪري ورتو

اسلام آباد : ڀارت ۾ سنڌ واسي 11 ڀاتين جي قتل واري واقعي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ائسوسيئيشن عدالت سان رابطو ڪري ورتو، مامرو عالمي عدالت ۾ اُٿارڻ جو حڪم ڏيارڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل، درخواستگذار استدعا ڪئي آهي ته عدالت وفاقي سرڪار ۽ پرڏيهي کاتي کي حڪم ڏئي ته 11 پاڪستانين جي قتل وارو معاملو انصاف جي عالمي عدالت ۾ اُٿاريو وڃي، ڀارت جي دهشتگرد تنظيم آر ايس ايس تي به پابنديون لڳرائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته هندو ڪٽنب جي 11 ڀاتين قتل واري واقعي ۾ ڀارتي سفارتخاني جي ڪردار کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ڀارتي سفارتخاني ويزا جاري ڪرڻ بعد ڀارتي جاسوس اداري را کي ڄاڻ مهيا ڪئي هئي.