اپوزيشن ليڊر شهباز شريف 13 آڪٽوبر تائين جسماني رمانڊ تي نيب حوالي

لاهور :لاهور جي احتساب عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي 13 آڪٽوبر تائين جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو، رمانڊ ملڻ بعد نيب ٽيم انتهائي سخت سيڪيورٽي جي پهري ۾ شهباز شريف کي واپس وٺي وئي، شهباز شريف جي پيشي جي موقعي تي عدالت ٻاهران وڏي تعداد ۾ ليگي اڳواڻ ۽ ڪارڪن پهتا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرا ۽ نعريبازي، پوليس طرفان پوئتي ڌڪڻ تي ليگي ڪارڪنن ۽ اهلڪارن ۾ منهن ماري، گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت رد ٿيڻ بعد نيب ٽيم شهباز شريف کي گرفتار ڪيو هو. جڏهن ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نيب هٿان گرفتار ٿيل اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جو لاهور جي احتساب عدالت ۾ بيان جمع ڪرائيندي چيو ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ جي نتيجي ۾ انصاف نه ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ انصاف جا بخيا اُڍيڙيا پيا وڃن، شهباز شريف چيو ته مون ڪمند تي ڪابه سبسڊي ناهي ڏني، پنهنجي حڪومتي دور ۾ کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني پر 15 رُپيا في ڪلو جي حساب سان سبسڊي نه ڏني هئي،