نائجيريا ۾ گيس ٽينڪر جو ڌماڪو: نو شاگردن سميت اٺاويهه ڄڻا مارجي ويا

ابوجا: نائجيريا ۾ گيس ٽينڪر جي ڌماڪي سبب اسڪول جي 9 ٻارن سميت 28 ڄڻا ماجي ويا.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب نائيجيريا جي رياست ڪوگي ۾ حادثو هاءِ وي تي گيس ٽينڪر جي بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو ۽ ڌماڪي ۾ اسڪول جي بس سميت ڪيترين ئي گاڏين کي باهه لڳي وئي. ٽرڪ جو بريڪ فيل ٿيڻ کان پوءِ 5 ڪارن، 3 رڪشن ۽ ڪيترين ئي موٽر سائيڪلن سان ٽڪرائجڻ کان پوءِ اونڌو ٿي ويو جنهن کان پوءِ ٽينڪر ۾ باهه لڳي وئي.باهه لڳڻ سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿيا جن کي ويجهن اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو. ياد رهي ته گذريل مهيني ڪورونا وائرس دوران نائجيريا جي صدر چيف آف اسٽاف اباڪياري ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو هو.