بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس جو فيصلو اڄ ٻڌائڻ جو امڪان

ڪراچي : دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 9 سال ٻڌڻي هيٺ رهندڙ بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس جو فيصلو اڄ ٻڌائڻ جو امڪان آهي، فيبروري 2017 ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي،رحمان ڀولا، زبير چريا ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ٿي چڪو آهي، 11 سيپٽمبر 2012 تي بلديه فيڪٽري کي باهه ڏئي 260 ماڻهن کي ساڙي ماريو ويو هو.