وفاقي سرڪار جبري گمشدگين بابت وفاقي ڪابينا جِي ڪميٽي جوڙي ڇڏِي

اسلام آباد : وفاقي سرڪار جبري گمشدگين بابت وفاقي ڪابينا جِي ڪميٽي جوڙي ڇڏِي. قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم ڪنوينر مقرر ڪري گهرو وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. ڪميٽي ۾ آءِ جِي اسلام آباد سميت آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي مان به هڪ هڪ ميمبر شامل ڪيو ويو. قانون وارِي وزارت جَي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪميٽي گمشدگي وارن واقعن جَي ازالي لاءِ سفارشون به پيش ڪندي.