اي پي سي ۾ هڪ نئين ميثاق جمهوريت تي ڳالهايو ويندو: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي : اي پي سي ۾ هڪ نئين ميثاق جمهوريت تي ڳالهايو ويندو، رهبر ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته اي پي سي جي ميزباني پيپلز پارٽي ڪري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي مهانگي ڪرڻ واري وفاقي حڪومت جي فيصلي کي رد ڪندي چيو آهي ته شهباز شريف سان سٺي ماحول ۾ ڳالهيون ٿيون، اُميد آهي ته نواز شريف صحتياب ٿيندي ئي ڏيهه واپس اچي ويندو، عمران خان اقتدار ۾ ايندي ئي پنجاب ۽ ڪي پي ۾ بلدياتي نظام ختم ڪري ڇڏيو، بلوچستان ۾ اهو نظام اڳ ئي غير فعال هو، رڳو سنڌ حڪومت ۾ برداشت هئي جو صوبي جي گادي واري شهر کي اپوزيشن حوالي ڪري ڇڏيو، ڪراچي ۾ ايڊمنسٽريٽر جلد مقرر ٿيندو ۽ وڏي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته اهڙو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري، جيڪو نتيجا ڏئي سگهي ۽ عوام جا مسئلا حل ڪري. سنڌ ۾ برسات فصل، ننڍو ڪاروبار ۽ لکين گهر تباهه ڪري ڇڏيا، اُميد آهي ته وزيراعظم ڪراچي جي دوري دوران سنڌ جي آفت سٽيل ٻين ضلعن لاءِ به رليف پيڪيج جو اعلان ڪندو ۽ فنڊز گڏ ڪندو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته بحريه ٽائون طرفان سُپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل پئسن جي معاملي تي جلد فيصلو ٿيڻ جو انتظار آهي، اُنهي پئسي تي سڀ کان پهرين سنڌ ۽ خاص ڪري ملير واسين جو حق آهي، بحريه ۽ ورڪرز ويلفيئر سوڌو ٻين فنڊز جا مامرا عدليه ۾ التوا هيٺ آهي، انتظار آهي ته اُن تي جلد فيصلو ٿئي، ڪراچي، عمرڪوٽ، بدين ۽ ميرپور خاص سوڌو ٻين متاثر علائقن ۾ بحالي توڙي نئين سر تعمير لاءِ وفاقي سرڪار صوبائي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري، رڳو نالن جي صفائي سان ڪجهه نه ٿيندو، اين ڊي ايم اي کي آفت سٽيل علائقن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، برسات دوران بجلي جو انفرا اسٽڪچر به تباهه ٿي ويو آهي، وفاقي سرڪار ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو سان گڏجي اُهو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ لائحه عمل جوڙي، فصلن کي به نقصان جو ازالو ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت آبادگارن جي به مدد ڪري.