پهرين سيپٽمبر کان پيٽرول 7 ۽ ڊيزل 8 رپيا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد : وفاقي سرڪار پاران برسات جي تباهڪارين سبب ڏکيائين جو شڪار عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن، پهرين سيپٽمبر کان پيٽرول 7 ۽ ڊيزل 8 رپيا في لٽر مهانگو ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي، اوگرا تيل اگهن ۾ واڌ جي تجويز پيٽروليم ڊويزن کي اماڻي ڇڏي، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي به تجويز، تيل اگهن ۾ ردوبدل جو حتمي فيصلو وزير اعظم سان مشاورت بعد ڪيو ويندو.