سول ايوي ايشن پي آءِ اي جي جهاز حادثي جي شروعاتي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

ڪراچي : پي آءِ اي جي جهاز حادثي جي شفاف جاچ ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي، سول ايوي ايشين شروعاتي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، عدالت جو چوڻ هو ته هي واقعو 2016 جو آهي، اڃا تائين انڪوائري مڪمل ناهي ٿي، اوهان چاهيو ٿا ته ڪيس به هلندو رهي ۽ اوهان جا جهاز به هلندا رهن، عدالت طرفان سول ايوي ايشين کي انڪوائري رپورٽ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.