وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينه جو اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينه جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو. رپورٽ موجب وفاقي ڪابينه جي اجلاس جو 10 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا به جاري ڪيو ويو آهي.

ڪابينه اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ سلامتي جي معاملن تي غور ڪيو ويندو. جڏهن ته وفاقي ڪابينه کي حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي تي به بريفنگ ڏني ويندي.

اجلاس ۾ ڪابينه سرجيڪل ۽ اين 95 ماسڪ گهرائڻ جي به منظوري ڏيندي ۽ پارلياماني ڪميشن، اٿارٽيز ۽ بورڊ ۾ ميمبرز جي مقررين بابت بريفنگ به ڏني ويندي.

وفاقي ڪابينه پي ٽي وي ملازمن تي لازمي سروس ايڪٽ لاڳو ڪرڻ جي به منظوري ڏيندي.