سنڌ ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ لاءِ ڦڙا پيئارڻ جي 6 ڏينهن واري مهم شروع

ڪراچي : سنڌ ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ لاءِ 6 ڏينهن واري مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي ، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور، ميرپور خاص ۽ ٻين شهرن ۾ مهم دوران 5 سالن کان گهٽ عمر جي 95 لک ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئاريا ويندا، صوبائي راڄڌاني ڪراچي ۾ 23 لک ٻارن کي پوليو جا ڦرا پيئارڻ جو ٽارگيٽ مقرر، وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان ڪراچي ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئاري مهم جو افتتاح، وزيراعليٰ هائوس ۾ تقريب دوران ٻارن کي تحفا به ڏنا ويا، وڏي وزير اپيل ڪئي ته والدين پنهنجي ٻارن کي معذوري کان بچائڻ لاءِ پوليو جا ڦڙا پيئارين ۽ پنهنجو فرض ادا ڪن، اسان سڀني کي عهد ڪرڻو پوندو ته پنهنجي ٻارن کي معذوري کان بچائڻو آهي، صحت کاتي طرفان سمورين اسپتالن ۾ پوليو وئڪسين جي موجودگي يقيني بڻائڻ جي هدايت، آچر ڏينهن به اسپتالون کُليل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.