پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان، سمري ناڻي واري وزارت ڏانهن موڪلي وئي

اسلام آباد: پهرين آگسٽ کان پيٽروليم شين جون قيمتون ٻيهر وڌڻ جو امڪان آهي ، جنهن لاءِ پيٽروليم ڊويزن سمري خزاني واري وزارت ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب خزاني واري وزارت کي موڪليل سمري ۾ پيٽرول جي نئين قيمت في ليٽر ست روپين جي واڌ سان 107.11 ۽ ڊيزل 110.96 رپيا في ليٽر وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ناڻي واري وزارت ڏانهن موڪليل سمري ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت 30 رپيا في ليٽر ليوي ۽ 17 سيڪڙو جي ايس ٽي جي بنياد تي طئي ڪئي وئي آهي.
پيٽروليم شين جي قيمتن بابت حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت پاران وزيراعظم جي مشاورت سان ڪيو ويندو.